۸ مهينن جي ٻارڙيءَ جو ۱۸ ڪلو وزن، ڊاڪٽر حيران


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۷۵   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ نينڍري ٻار جو وزن غير معمولي طور تي ۱۸ ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان ٻارڙيءَ جي عمر اڃان تائين ۸ مهينا آهي، ڀارتي پنجاب ۾ ٿيندا ٿيندڙ ان ٻارڙيءَ جي وزن ۾ مسلسل واڌ ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته ٻارڙيءَ جي بي وقتائتي بُک ان جي غريب والدين کي تمام پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ٻارڙيءَ جو نالو چاهت ڪماري آهي، جنهن جي خوراڪ هن وقت به ڪنهن ۱۰ سالن جي ٻار جي برابر آهي، هن جو وزن به ۴ سالن جي ٻار جيترو آهي، پر هيءَ آهي ۸ مهينن جي اڃان تائين، ڊاڪٽر به ٻارڙي جي وڌندڙ وزن تي حيران ۽ پريشان آهن، وزن ۾ واڌ سبب هاني ان ٻارڙي کي ننڍ ڪرڻ ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف اچي رهي آهي، ٻارڙيءَ جي چمڙي به غير معمولي طور تي سخت آهي، ٻارڙيءَ جي پيءُ ٻڌايو ته پيدائش وقت ان جو وزن نارمل هو، پوءِ اچانڪ ۸ مهينن ۾ اهو وزن ان جاءِ تي پهتو آهي، ٻارڙيءَ جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پهرين ڪڏهن به اهڙي ٻارڙي ناهي ڏٺي، ان جي چمڙي ايتري ته سخت ٿي وئي آهي جو ان جي رت ڪڍڻ لاءِ به اسان کي مشڪلاتون ٿي رهيون آهن. جنهن جي ڪري ٻارڙيءَ جي علاج ۾ رڪاوٽ اچي رهي آهي.