موسمياتي تبديلي جي ڪري درياهه جو به رُخ تبديل


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۰   ڪينيڊا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ٽورنٽو: جديد تاريخ ۾ پهرين ڀيرو هڪ درياهه پنهنجو رُخ مٽائيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته درياهه جو رُخ موسمياتي تبديلي ۽ هوا جي ڪري ٿيو آهي، گذريل سال ڪينيڊا جي علائقي يڪون ۾ هڪ تمام وڏي برفاني گليشيئر ڳري پهتو هو ۽ اهو پاڻي وڄي هڪ وهندڙ درياهه ۾ پهتو هو، جيڪو وري وڃي هڪ ٻئي درياهه سان ملندو، هاڻي يڪون جي سڀ کان وڏي جهيل کي پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿيندي ۽ سمورو مٺو پاڻي هاڻي نيري رنگ جهڙو ٿي ويندو جيڪو سمنڊ طرف الاسڪا جي علائقي بحرالڪاهل ۾ وڃي نرڪندو، ماهرن ان عمل کي ”درياهه جي فوري ضبطگي“ قرار ڏيندي چيو آهي ته ماضيءَ ۾ اهڙا واقعا ٿيا هئا، پر ايتري تيزي سان ڪون ٿيا هئا، اهڙو ڪو به تيز واقعو تاريخ ۾ ڪون ٿو ملي،