شگر ۽ ٻين بيمارين جي نشاندهي ڪندڙ اليڪٽرانڪ پٽي


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۷۹   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪيليفورنيا: اسٽينفرڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن ٻانهن تي ٻڌڻ واري هڪ حساس پٽي تيار ڪئي آهي، جنهن کي پائڻ سان توهان ۾ موجود بيمارين جي خبر پئجي ويندي، جهڙي طرح، شگر، بلڊ پريشر، فائبروسس ۽ ٻين بيمارين جي نشاندهي اها پٽي ڪندي، ان کان اڳ سائنسدانن پگهر مان بيمارين جي ڄاڻ ڪرڻ واري اسٽيڪر پٽي تيار ڪئي هئي، پر ان کي ۳۰ منٽن تائين پنهنجي جسم تي لڳائي رکڻ ضروري هو ته جئين جسم مان نڪرندڙ نمڪيات کي جذب ڪري اها بيمارين جو اندازو لڳائي سگهي، پر هاڻي جيڪا پٽي تيار ڪئي وئي آهي، ان کي صرف ڪجهه منٽن لاءِ ٻانهن سان ٻڌي سگهجي ٿو، هن پٽيءَ ۾ لچڪدار سينسر ۽ مائيڪروپروسيسر موجود آهي، جيڪو توهان جي جسم سان چنبڙي پوندو ۽ توهان ۾ موجود بيمارين جي نشاندهي ڪندو.