اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ميمبر عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۸   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وزير اعليٰ خيبرپختون خواهه جي مشير ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي عبدالمنعم خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي ته جنهن ۾ درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته تحريڪ انصاف جي ميمبر صوبائي اسيمبلي عبدالمنعم خان سرڪاري اسڪول ٽيچر آهي، آئين موجب ڪوئي به حاضر سروس سرڪاري ملازم عوامي نمائندگي جو حق نه ٿو رکي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ۵ رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سرڪاري ريڪارڊ کي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ عبدالمنعم خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ۲۰۱۳ع جي عام چونڊن دوران داخل ڪرائي وئي هئي، جيڪا درخواست شير عالم خان داخل ڪرائي هئي.