سور ختم ڪرڻ جي دوائن سان گڏ ننڊ جون گوريون کائيندڙ ماڻهن جي جان خطري ۾ پئجي سگهجي ٿي: آمريڪي سائنسدان


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۱۲۰   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪيليفورنيا: آمريڪي سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته سور جي دوائن سان ننڊ جون گوريون کائيندڙ ماڻهن جي جان خطري ۾ پئجي سگهجي ٿي. ڪيليفورنيا جي سائنسدانن جي تازي تحقيق مطابق اهي ماڻهو جيڪي ڊاڪٽرن جي ٻڌايل دوائن سان گڏ ننڊ جون گوريون پڻ کائيندا آهن، انهن جي زندگيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو. سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن مريضن کي خبردار ڪيو آهي ته سور کان ڇوٽڪاري لاءِ کائيندڙ دوائن سان گڏ ننڊ جي گورين جو استعمال نه ڪجي. مطالعي دوران سائنسدانن ۱۸ کان ٦۴ سالن جي ۳ لک ماڻهن جو جائزو ورتو، جيڪي ۲۰۰۱ع کان ۲۰۱۳ع دوران پين ڪلر دوائن جو استعمال ڪندا رهيا، مطالعي کانپوءِ معلوم ٿيو ته پين ڪلر جو استعمال نه ڪندڙ ماڻهن جو اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان ۱۵ سيڪڙو تائين گهٽ هجي ٿو.