آمريڪي سرچ انجڻ ياهو کي ۳ مهينن ۾ ۹۹ ملين ڊالر جو منافعو


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵٦   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي سرچ انجڻ ”ياهو“ چيو آهي ته پهرين ٽن مهينن دوران ان جي خالص منافعي ۾ ۹۹ ملين ڊالرن جو منافعو ٿيو جيڪو توقع کان وڌيڪ آهي. اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب جنوريءَ کان مارچ دوران جي ڪل آمدنيءَ جو ۱.۳ ارب ڊالر خالص منافعو ۹۹ ملين ڊالر رهيو هو. ۲۰۱٦ع جي پهرين ٽن مهينن دوران اداري جي ڪل آمدني ۱.۰۹ ارب ڊالر ٿي هئي.