مصر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ قديمي مجسما ۽ ۱۰ لاش هٿ


 اربع ۱۹ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵٦   قاُھرہ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : قاهره: مصر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ قديمي مجسمن ۽ ۱۰ لاش دريافت ٿيا آهن. جرمني جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق آثار قديمه جي نگران وزارت ٻُڌايو آهي ته اهي تاريخي مجسما نيل دريا جي ڪناري آباد شهر اقصر جي هڪ قديمي مقبري مان هٿ ٿيا آهن. هڪ بيان مطابق اها جاءِ هڪ جج جو مقبرو آهي، جنهن کي اٽڪل هڪ هزار کان ڏيڍ هزار سال ۾ تعمير ڪيو ويو هو. ماهرن مطابق وڌيڪ مجسما ۽ نوادرات دريافت ٿي سگهن ٿا.