والدين پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين: ڄامشورو ۾ تقريب


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۱۰۲   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ ٻارن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ ۽ امتحان ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل ڄامشورو جي ميمبر سهيل احمد شورو، چيئرمين يونين ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي لالا اياز پٺاڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام سرور ملاح ٻارن ۾ ڪتاب ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سندن چوڻ هو ته والدين پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ۽ پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪن. ٻئي پاسي گورنمينٽ هائير سيڪينڊري ڪئمپس اسڪول سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو پاران ٽن ڏينهن جي مهم دوران سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي مارڪيٽ ۾ ڪئمپ لڳائي وئي، ڪيمپ ۾ سوسائٽي جو سيڪريٽري هدايت الله ابڙو ۽ چيئرمين امداد چنا به شامل ٿيا. ان موقعي تي پمفليٽ ورهائي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائين.