ڀارت جي شهر آنڌرا پرديش ۾ ماڻهن وچ ۾ ڇيڻن سان ويڙهه


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۹   انڊيا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : آنڌرا پرديش: ڀارت جي هڪ ڳوٺ ڪائرو پلا ۾ هر سال ماڻهو هڪ ٻئي کي ڍڳي جا سڪل ڇيڻا هڻندا آهن، سندن چوڻ آهي ته اهو ڪرڻ سان صحت ۽ خوشحالي ايندي آهي. جڏهن ته انهي عجيب رسم ۾ هر سال ڪيترائي زخمي پڻ ٿيندا آهن. ماڻهن جي چوڻ موجب وير بهادر سوامي بهدرا ڪالي نالي ديوي جي محبت ۾ گرفتار ٿيو هو پر بعد ۾ وير بهادر سوامي ديوي سان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ بهدرا ڪالي ديوي بدلو وٺڻ لاء وير بهادر سوامي جي ڳوٺ تي سڪل ڇيڻن سان حملو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ سندس ياد ۾ هر سال اها رسم ادا ڪئي ويندي آهي. جنگ کان پهرين هزارن جي تعداد ۾ سڪل ڇيڻا سڪائي کين گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. هڪ حصو وير بهادرا سوامي جو گروپ هوندو آهي جڏهن ته ٻيو حصو بهدرا ڪالي جي ترجماني ڪندو آهي ٻئي گروپ گهرن جي ڇتن، وڻن جي اوٽ ۽ ميدان ۾ وڃي هڪ ٻئي تي ڇيڻن سان حملو ڪندا آهن. اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ڇيڻن جي جنگ ۾ زخمي ٿيندڙن ماڻهن جو علاج هڪ مندر ۾ ڪيو ويندو آهي، جتي زخمين کي ڇيڻي جي رک ئي هنئي ويندي آهي.