پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي شروع ٿيندي


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۸   ويسٽ انڊيز   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : جميڪا: پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيست ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي جمعي کان سبائنا پارڪ ڪنگسٽن جميڪا ۾ شروع ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ بيٽنگ ۽ فيلڊنگ تي وڌيڪ زور ڏئي رهي آهي، پاڪستان جي ٽي ۲۰ ۽ ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي رهي آهي، گرين شرٽس ٽي ۲۰ سيريز ۱_۳ ۽ ون ڊي سيريز ۱_۲ تان پنهنجي نالي ڪئي، يونس خان ۽ مصباح الحق ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو، ان لاءِ هو پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراميد آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هن وقت تائين کيڏيل سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ۵_۵ تان برابري آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ۳۰ اپريل کان ۴ مئي تائين بارباڊوس جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ۱۰ کان ۱۴ مئي تائين ڊومينڪا ۾ کيڏي ويندي.