رشي ڪپور نئين فلم “منٽو” ۾ خاص ڪردار ادا ڪندو


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۹   دھلي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نئين دهلي: بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور نئين فلم “منٽو” ۾ نواز الدين صديقي سان سان خاص ڪردار ۾ نظر ايندو، ڀارتي ميڊيا مطابق بالي وڊ اداڪار نواز الدين صديقي ٽوئيٽر تي فلم منٽو ۾ رشي ڪپور طرفان ڪاسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته مون کي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جنهن تي رشي ڪپور چيو ته توهان سان مستقبل ۾ پڻ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو، فلم جو ڊائريڪٽر ننديتا داس آهي.