مصباح ۽ يونس کي پنهنجي آخري سيريز ۾ ڪنهن دٻاءُ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي: وسيم اڪرم


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۷   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور آل رائونڊر وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڪستان ٽيم باصلاحيت رانديگرن تي ٻڌل آهي، پاڪستان ٽيم وٽ ويسٽ انڊيز کي سندن گهر تي هارائڻ جو سٺو موقعو آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾هن جو چوڻ هو ته مصباح ۽ يونس کي پنهنجي آخري سيريز ۾ ڪنهن دٻاءُ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، ٻئي تجربيڪار رانديگر آهن، سيريز کي يادگار بڻائيندا، وهاب ۽ عامر کي سيريز ۾ ريوس سوئنگ مان فائدو کڻڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ۲۱هين صدي اچي وئي آهي پر سفارشون ختم ناهن ٿيون، جنهن سبب ڊوميسٽڪ ٽيم کي ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪرڻ کان پوءِ به صحيح ٽيلينٽ سامهون ناهي اچي رهيو، وسيم اڪرم چيو ته منهنجون نيڪ خواهشون قومي ٽيم سان گڏ آهن.