جوهي: تعلقي اسپتال ۾ ۹ مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۴   جوھي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  :  جوهي: جوهي تعلقي اسپتال ۾ ۹ خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي پي پي ايڇ آءِ جي عبدالحفيظ ڀٽي ۽ ٽي ايڇ او ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو، ڊسپينسر شاهد حُسين سومرو بي ايڇ يو واهي پانڌي ايم عمر سومرو، بي ايڇ يو حاجي خان، ٽي ايس وي لُطف الله سومرو، عبدالمجيد لغاري، ڊسپينسر بي ايڇ يو ڪمال خان شھري ۽ اسٽاف جا ماڻهو شامل هيا، ريلي ۾ اها جاڳرتا ڏني وئي ته پي پي ايڇ آءِ دادو طرفان ۹ خطرناڪ بيمارين جي بچاءُ جي گهر گهر هنگامي مُھم شروع ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ پوليو، ٽي بي، ڪاري ڪامڻ، جهٽڪن جي بيماري، خناق، گردن ٽوڙ بخار، وڏي کنگھ، اُرڙي ۽ نمونيا کان بچاءُ جا ٽڪا ۲۱ اپريل کان ۳۰ اپريل تائين لڳايا ويندا، هنن چيو ته جوهي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي رهواسين کي گهرجي ته پي پي ايڇ آءِ ويڪسينيٽرن سان گهر گهر مهم ۾ سهڪار ڪن ۽ پنهنجن گُلڙن جهڙن ٻارڙن کي ۹ خطرناڪ بيمارين کان محفوظ ڪيو وڃي. ۰۰۲