نوابشاھ واسي جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۵   نوابشاھ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   فدا چانڊيو  : نوابشاھ: نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ مورو پوليس وٽ پيش پيل مبينا جوابدار کي پوليس هاف فرائي ڪرڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو، هاف فرائي ٿيل مورو واسي نوجوان اياز عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه مهينا اڳ بلن جي ادائيگي جي معاملي تي منهنجو مورو جي ٽي ايم او ۽ ميمڻ برادري سان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ راڄوڻي فيصلي ۾ نبيرو ڪيو ويو پر مورو پوليس بنا ڪنهن ڏوهه جي ۸ ڏينهن اڳ مان ڪامل زرداري جي اوطاق تي ويٺو هئس جنهن وٽ مان ملازم آهيان اتي چڙهائي ڪئي ۽ مونکي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان خوف مان پاڙي جي محرم سوهو وارن جي گهر ۾ داخل ٿي ويس، جتان ٻن پوليس اهلڪارن جيڪي سول ڊريس ۾ هئا مونکي حراست ۾ ورتو ته مان هڪ اهلڪار غلام حيدر خاصخيلي کي دڪو ڏئي فرار ٿي ويس، اهو اهلڪار دڪي ملڻ کانپوءِ زمين تي ڪري بيهوش ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ دل جو مريض هئڻ سبب دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، مورو پوليس بنا ڪنهن ڏوهه جي سوهو برادري جي چئين ڄڻن کي فوتي اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري چالان ڪيو آهي، هن چيو ته مان پاڻ مرادو مورو پوليس وٽ پيش پيس ته رات جو پوليس اهلڪارن منهنجون اکيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ تي مونکي ساڄي ڄنگهه ۾ گوليون هنيون، هن چيو ته مان ۽ سوهو برادري جا ۴ نوجوان بيگناهه آهيون، مان پنهنجي ٻن ٻارن ۽ گهر واري جو واحد سهارو آهيان، اياز عباسي سپريم ڪورٽ، سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. ۰۰۲