شھدادپور لڳ روڊ حادثو، موٽر سائيڪل سوار فوت


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۷   شهدادپور   پرنٽ ڪيو
شھدادپور جو نقشو

رپورٽ :   غلام عباس ساند  : شھدادپور: شھدادپور ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ ۾ زور دار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تان ڪرندڙ ۱۵ ورهين جو عاشق ولد پريل رئيس ٽرڪ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. جڏهن ته دلشير، عابد ۽ محمد اصغر زخمي ٿي پيا. جن کي سرڪاري اسپتال نيو ويو آهي. پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪري رهي آهي. ۰۰۱