مبارڪپور ۾ نوجوان جي گمشدگي خلاف وارثن جو احتجاج


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۰   مبارڪپور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   قربان علي مھر  : مبارڪپور: مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو مهر ۱۸ ورهين جو نوجوان شاهد علي پٽ ميراحمد مهر صبح سوير کان گهران نڪري ويو، جيڪو شام تائين گهر نه آيو ته گهر وارن ڳولا شروع ڪئي، مٽن مائٽن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن جو گهڻي ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو، وارثن جو چوڻ آهي ته اغوا جي شڪ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي،. ۰۰۲