سنڌ يونيورسٽي جي ليڪچرار عورتن جي حقن ۽ ميڊيا جي ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪري ورتي


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۱٦۰   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ڪليم ٻٽ  : حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي ليڪچرار شازيه شهاب شيخ ڪراچي يونيورسٽي کان پي ايڇ ڊي ڪري لاڳاپيل شعبي ۾ پهرين نوجوان پي ايڇ ڊي هولڊر ليڪچرار بڻجي وئي، ”عورتن جا حق ۽ ميڊيا“جي عنوان هيٺ پروفيسر نثار احمد جي نگراني ۾ ڪاميابي سان پي ايڇ ڊي ڪري ايندڙ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي ليڪچرار شازيه شهاب شيخ شعبي ۾ پهرين پي ايڇ ڊي هولڊر نوجوان ليڪچرار وارو اعزاز پنهنجي نالي ماڻي ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر شازيه شهاب چيو ته ۵ سالن جي سخت محنت بعد مون ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ته آئون پهرين نوجوان ليڪچرار آهيان جنهن ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجو مقصد عورتن جي حق جي حاصلات آهي، انهي جي ڪري مون پنهنجي پي ايڇ ڊي جو موضوع به عورتن جي حوالي سان چونڊيو، ٻئي طرف شعبي جي سربراهه سميت استادن ۽ شاگردن ڊاڪٽر شازيه شهاب کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.