ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس چيڪنگ دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۲   ٽنڊو محمد خان   پرنٽ ڪيو
(فائل فوٹو)

رپورٽ :   خالد انور مگسي  : ٽنڊو محمد خان ۾ تعلقا ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او اعجاز شيخ پوليس جي وڏي نفري سان نانگو شاهه فتح پور روڊ تي سنيپ چيڪنگ دوران ٻن جوابدارن کان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري کين گرفتار ڪيو آهي، جنهن ۾ جوابدار اڪرم قريشي ۽ خان محمد ملاح کان ڪچو شراب ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آهي. سندن خلاف ڪيس داخل ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ۰۰۱