ڳڙهي حسن ۾ رهواسين جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۳   ڳڙھي حسن   پرنٽ ڪيو
ڳڙهي حسن جو نقشو

رپورٽ :   جي ايم جمالي  : ڳڙهي حسن: ڳڙهي حسن ويجهو ڳوٺ اشفاق خان کوسو مٿان ٺل جي ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ تعلقي جي يارهن ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪئي. جڏهن ته ڳوٺاڻا ڳوٺ ۾ نه هئڻ سبب گهرن پوليس ۲۳ ٻڪريون ۽ ۱٦ رڍون ڪاهي وئي. هوڏانهن ڳوٺاڻن شهنواز کوسو، اسماعيل، محمد بخش، فدا حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مظاهرين چيو ته پوليس اسان جي مٿان بلاجواز چڙهائي ڪري اسان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسان پنهنجا گهر خالي ڪري ٻاهر جهنگ ۾ رهون. هنن چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري. ۰۰۱