ڳڙهي حسن ڀرسان ڳوٺ ۾ ۴ گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک


 خميس ۲۰ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۹   ڳڙھي حسن   پرنٽ ڪيو
(فائل فوٹو)

رپورٽ :   جي ايم جمالي  : ڳڙهي حسن: ڳڙهي حسن ويجهو ڳوٺ جواريو مرهيٽو ۾ چلهه جي چڻنگ لڳڻ سبب آچر مرهيٽو، خميسو مرهيٽو، صمندر مرهيٽو سوڌو چيئن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سون نياڻين جو ڏاج هنڌ بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ملڻ جي باوجود فائربرگيڊ عملو بروقت نه پهچي سگهيو. هوڏانهن متاثرن اعليٰ اختيارن کان اپيل ڪئي ته اسان جي واهر ڪري مدد ڪئي وڃي. ۰۰۱