پشاور ۾ مسجد ٻاهران فائرنگ، مفتي سميت ۲ ڄڻا قتل، ۴ زخمي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۸   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور جي فقير آباد ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿاربندن مسجد ٻاهران فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ۴ زخمي ٿي پيا، زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق فائرنگ جو واقعو فقير آباد ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن جي سڃاڻپ مفتي عبدالقيوم ۽ اسد الله جي نالي سان ٿي آهي.