پئرس ۾ هٿياربند جي فائرنگ ۾ ۲ پوليس اهلڪار مارجي ويا، داعش ذميواري قبول ڪري ورتي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۰   پئرس   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پئرس ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ۲ پوليس اهلڪار قتل، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند به مارجي ويا. فرانس جي گادي واري هنڌ پئرس جي مشهور شاهراهه شانزي ليزي تي هٿياربند ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ۲ پوليس اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند به پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ماريو ويو آهي. دهشتگرد جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف حملي جي ذميواري داعش قبول ڪئي آهي.