ڪوئيٽا ۾ ڪچري جي دٻي ۾ زوردار ڌماڪو، ۳ ٻارڙا زخمي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۰   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا جي علائقي زرغون روڊ تي ڪچري جي دٻي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ۳ ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا مطابق زرغون روڊ تي خانا بدوشن جي ٻارن جئين ئي ڪچري جي دٻي مان ڪچرو ڪڍيو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيئي ٻار زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ڪوئيٽا اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.