قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي، نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: خورشيد شاهه


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار نه ڏيڻ خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ جا ٻه جج نااهل قرار ڏئي چڪا آهن، جنهن سبب هن کي اسعتيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ ايم اين ايز هڪ ٻئي خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي. عمران خان، شيخ رشيد، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ڇڪتاڻ سبب قومي اسيمبلي جي اجلاس کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.