وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ايندڙ جمعي تي جلسو ڪنداسين: عمران خان


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۹   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊيوڊ ڪيمرون اخلاقي طور تي استعيفيٰ ڏني، پر نواز شريف امين ۽ صادق ناهي پوءِ به استعيفيٰ نه ڏئي رهيو آهي، جي آءِ ٽي جو ڪو فائدو ناهي، نواز شريف کان استعيفيٰ لاءِ اسلام آباد ۾ ايندڙ جمعي تي جلسو ڪنداسين، انهي ڪري قوم روڊن تي نڪري. هن وڌيڪ چيو ته اسان مخالف ڌر کي گڏجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. جڏهن ته قطري جو خط کي به قبول نه ڪيو آهي، جي آءِ ٽي تڏهن اڻ ڌري جاچ ڪري سگهي ٿي، جڏهن نواز شريف وزيراعظم نه هوندي.