يمن ۾ عرب اتحاد فوج جي بمباري ۾ ۱۷ باغي مارجي ويا، ۲۰ کان وڌيڪ زخمي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲٦   يمن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : يمن ۾ عرب اتحاد فوج جي بمباري ۾ ۱۷ باغي مارجي ويا ۽ ۲۰ کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. عرب اتحاد جي جنگي جهازن المخاءِ ۽ تعز وارن شهرن ۾ حوثي باغين ۽ علي صالح جي وفادار ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، حملن جي نتيجي ۾ ۱۷ باغي مارجي ويا ۽ ۲۰ کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. يمن جي سرڪاري فوج به موزع ۽ معسڪر خالد وارن علائقن کي مڪمل ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب باغين حڪومتي فورسز کي اڳرائي کان روڪڻ لاءِ راڪٽ لانچنگ پيڊ به لڳايا آهن.