پنجاب ۾ پوليس ڪارروايون، ۲۱ شڪي گرفتار، هڪ ڄڻو مارجي ويو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۳ مھينا پھريان     ۴۲   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري ۳ اشتهارين سميت ۲۱ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، هارون آباد ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو. هارون آباد واري علائقي ۾ پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلي دوران ساٿين جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن.