بلدياتي اليڪشن ۾ ٽڪيٽون رد ڪرڻ خلاف درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل کان جواب طلب


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۲   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سنڌ هاءِ ڪورٽ بلدياتي اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي رد ٿيڻ واري ايم ڪيو ايم جي درخواست واري ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ۱۲ مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ ايم ڪيو ايم جي وڪيل پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ درخواستگذار ايم ڪيو ايم جي وڪيل پاران موقف اختيار ڪندي چيو ته ٦ چيئرمين آزاد اميدوارن طور اليڪشن وڙهي. وڪيل چيو ته نوشهروفيروز هڪ آزاد اميدوار ڊاڪٽر يوسف جنهن جي ٽڪيٽ رد ڪري پيپلزپارٽي وارن پنهنجو چيئرمين چونڊيو آهي. صفائي واري وڪيل چيو ته ۴ آزاد اميدوارن پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي، جنهن بعد عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ۱۲ مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.