شيخ رشيد جي آءِ ٽي کي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي قرار ڏئي ڇڏيو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۳   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي آءِ ٽي کي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي قرار ڏئي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته جي آءِ ٽي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي آهي ان ڪري ان مان ڪنهن انصاف جي اميد ناهي اها وزير اعظم جي ماتحت ڪم ڪندي. شيخ رشيد چيو ته ججن قطري خط کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي ڇڏيو، ۲ سينيئر ججن چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جو هاڻ اهو مقام ناهي رهيو جيڪو حڪمران جو هوندو آهي ان ڪري هن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. شہاري