نواز شريف ڪالهه به وزيراعظم هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو: مخدوم جاويد هاشمي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۵   ملتان   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته نواز شريف ڪالهه به وزيراعظم هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي جاويد هاشمي چيو ته پاناما جي فيصلي کي مڃان ٿو ۽ پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ فتح عدل جي ٿي آهي. هن چيو ته وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو اها پارٽي ڪندي رهندي آهي، جيڪڏهن ڪو حادثو به ٿئي ٿو ته چون ٿا استعيفيٰ ڏيو جڏهن ته آئون پاڻ ماضي ۾ حڪومتن کان اهو مطالبو ڪندو هئس.