سپريم ڪورٽ جو فيصلو منزل نه پر ڪاميابي آهي: سراج الحق


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ۴۳   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  :  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو منزل نه پر ڪاميابي آهي، نوازشريف جي ڪرسي تي هوندي ادارا ڪم ڪري نه سگهندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته وزيراعظم هاڻي استعيفيٰ ڏئي، ٦۰ ڏينهن بعد جاچ مان بري ٿئي ته پوءِ ڀلي ٻيهر ڪرسي سنڀالي. سندس چوڻ هو ته پنج مان ٻن ججن وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو، اعتراز احسن سٺو وڪيل آهي پر پنهنجي پارٽي جو پابند آهي. هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف اخلاقي طور جاچ مڪمل ٿيڻ تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ٻاهران ماڻهو ايندا ته داغدار وزيراعظم سان ملندا، جي آءِ ٽي بابت وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.