اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر وزيراعظم بابت ڪهڙي جاچ ڪندو؟ اعتزاز احسن


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن جي آءِ تي کي رد ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ گريڊ ۱۹ جا آفيسر ڇا ڪندا؟ آءِ ايس آءِ سان شريف ڀائرن جو خانداني تعلق آهي، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ڪهڙي جاچ ڪندو؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ ٺيڪ چيو آهي ته اهو فيصلو ياد رکيو ويندو، سلام ڪيون ٿا ته انهن ٻن ججن کي جن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو، ٽن اڪثريتي ججن به چيو ته نواز شريف پنهنجي صفائي ۾ ڪو ثبوت ناهي ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز کي ته ڇوٽ ڏني وئي آهي، جوڊيشل ڪميشن هجي ۽ نواز شريف پيش ٿي ته مزو اچي، ان بابت پيپلز پارٽي حڪمت عملي بڻائيندي.