ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪري زرداري کي سربراهه بڻايون؟ عابد شير علي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۸۱   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ٽوپي واري مولوي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ۾ نڪاح پڙهايو آهي. عابد شيرعلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ هتي نوان نوان نڪاح ڏسي رهيو آهيان ۽ ٽوپي واري مولوي سراج الحق پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي ۾ نڪاح پڙهايو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ مريم نواز شريف جو دامن صاف رهيو آهي ۽ جيڪو گند اڇلڻ جي ڪوشش ڪندو ان جو صفايو ڪيو ويندو. نواز شريف ۲۰۱۸ع کان پوءِ به وزير اعظم ئي رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي آءِ ٽي کي رد ڪري رهي آهي، توهان چئو ٿا ته جي ٽي آءِ ۾ ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم کي شامل ڪيو ۽ آصف زرادري کي ان جو سربراهه بڻايون. شہاري