ڏوڪري : هڪڙا پتڻ وٽ لاڙڪاڻو سيوهڻ بند کي درياهه تيزي سان پائڻ لڳو، موهن جو دڙو سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۱   ڏوڪري   پرنٽ ڪيو
ڏوڪري : هڪڙا پتڻ وٽ لاڙڪاڻو سيوهڻ بند کي درياهه تيزي سان پائڻ لڳو

رپورٽ :   عبدالجبار ميمڻ  : ڏوڪري : سنڌو درياهه ۾ ڳوٺ هڪڙا بند وٽان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي ڪپرن کي پائڻ جو سلسلو جاري رهندي ڪيترائي ڪپر کائي ويو آهي. پر آبپاشي عملدارن ان طرف ڪو به توجهه نه ڏئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ هن جڳهه تي اسپر ڏيڻ ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳوٺ هڪڙا جي رهواسي وزير علي هليو پنهنجي وڪيل ارشاد علي چانڊيو جي معرفت آئيني درخواست نمبر undefined۰۱۷ٸ۳۳۳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ لاڙڪاڻو ۾داخل ڪرائي وئي آهي ته جنهن جي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين شيخ ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ته ٻڌل بينچ ڪئي. وڪيل عدالت کي استدا ڪئي ته درياهه سنڌو لاڙڪاڻي بند کي هڪڙا پتڻ وٽ تيزي سان پائڻ شروع ڪيو آهي. جنهن جي ڪري تمام صورتحال خطرناڪ ۽ خوفناڪ ٿي وئي آهي. جيڪڏهن هنگامي طور تي ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا ته ٽوڙي بند جهڙو انڌو ناڪ واقعو پيش اچي سگهي ٿو. جيڪو سنڌو سڀيتا جي پراڻي تهذيب موهن جو دڙو سميت ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي، قائد عوام انجنيئرنگ ڪاليج سميت لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي، سميت هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ان سلسلي ۾ علائقي جا ماڻهو خوف ۽ حراس ۾ ورتل آهن. اهڙي آئيني درخواست بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو پاران واسطيدار عملدارن کي ۲۷اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي..