چڪ شھر ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۵   لکي غلام شاھ   پرنٽ ڪيو
چڪ شھر ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي

رپورٽ :   فھيم منگي  : لکي غلام شاھ: لکي غلام شاھ لڳ چڪ شھر ۾ ٽي اي او تعليم لکي رفيق جمالي ۽ چڪ بيٽ جي سپروائيزر استاد شهزادو مهر جي اڳواڻي ۾ مختلف چڪ بيٽ جي اسڪولن جي سپروائيزرس سيد عبداللہ شاھ، علي نواز مهر، ممتاز علي، اقبال ناپر، الهوڌايو مهر، هيڊ ماسٽرن شبير مهر، زاهد مهر، ابراهيم مهر، الهوڌايو چاچڙ ، الطاف سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪندي وڏي تعداد ۾ اسڪولي ٻارڙن سان گڏجي ريلي ڪڍي. استادن ۽ شاگردن نعرا هڻندي شھر جي بازار مان ٿيندا مين چوڪ تي پهتا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ٽي اي او تعليم چيو ته شھر واسي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي اپيل ڪجي ٿي ته جلد کان جلد ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪري پڙھائين، سرڪاري اسڪولن ۾ بهتر تعليم ڏني پئي وڃي، اسڪولن ۾ سولر سسٽم لڳرايو پيو وڃي، تعليم انسان جي ٽئين اک آھي انسان ۾ تعليم شعور پيدا ڪري ٿي.