سڪرنڊ: موٽر وي پوليس ۽ همدرد فري ايمبولينس سروس جي گڏجاڻي‎


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۵ مھينا پھريان     ۱۰۲   سڪرنڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق احمد سولنگي  : سڪرنڊ : اڳوڻي وفاقي سيڪريٽي ۽ همدرد فري ايمبولينس سروس جي باني گل محمد رند چيو آهي ته موٽر پوليس جي قيام کان پوءِ جتي حادثن ۾ گهٽتائي آهي ۽ ڏوهن تي پڻ ڪنٽرول ٿيو آهي. موٽر پوليس ۽ همدرد انتظاميه جي گڏيل سهڪارسان گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته موٽر وي سڪرنڊ بيٽ ۱۳۱ پنهنجي ايماندارانا صلاحيتن سبب پاڻ مڃايو آهي، اسان جو ساڻن ساٿ هر وقت رهندو. ان موقعي تي ڊي ايس پي موٽروي غلام مصطفيٰ بلوچ چيو ته همدرد فري ايمبولينس سروس هڪ تاريخ جوڙي آهي، جيڪا بنا ڪنهن معاوضي جي ايمرجنسي جي صورت ۾ خدمت ڪري رهي آهي، هن چيو ته نيشنل هاءِ وي تي جڏھن به ڪو حادثو ٿئي ٿو ته همدرد فري ايمبوليس جي انچارج مجيد عباسي کي صرف ڪال ڪرڻ جي دير آهي يڪدم پهچي لاشن، زخمين ۽ مريضن کي اسپتالن تائين پهچاندا آهن ۽ اڪثر کين جوس ۽ پاڻي جو به انتظام ڪري ڏيندا آهن. انسپيڪٽر اسد منير چيو ته سروس جي باني گل محمد رند کي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، همدرد فري ايمبولينس سروس کي موٽر پوليس جو ٻانهن ٻيلي سمجهون ٿا. گڏجاڻي ۾ همدرد جو جنرل سيڪريٽري مجيد عباسي ۽ بورڊ جو ميمبر قاضي جاويد پڻ موجود هو.