ڄامشورو: “ڌرتيءَ لاءِ وڻ” جي نعري هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڌرتيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۷۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: ڌرتي ماءٌ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جاگرافي شعبي پاران ترتيب ڏنل ٻن ڏينهن واري تقريبن جي سلسلي ۾ پهرئين ڏينهن وڻڪاريءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو. وڻڪاري جو افتتاح رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم چانڊيو ۽ شعبي جي چيئرمين پروفيسر محب علي لغاري ٻوٽا پوکي ڪيو. ڌرتي ماءُ ڏانهن امن، محبت ۽ يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ گڏ ٿيل استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ جاگرافي شعبي جي لان ۾ “ڌرتيءَ لاءِ وڻ” جي نعري کي ورجائيندي ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي فزيڪل ايجوڪيشن شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، پروفيسر محمد رفيق ڌناڻي ۽ پروفيسر سوجومل کان سواءِ ڪيترن ئي استادن، شاگردن ۽ اسٽاف ميمبرن پاران ٻوٽا پوکي ڌرتي ماتا کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ۽ ان کي سرسبز ۽ خوشحال بنائڻ جو وچن ورجايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر سليم چانڊيو چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي سربراهيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي سرسبز بڻايو پيو وڃي. ڌرتيءَ جي عالمي ڏينهن تي جاگرافي شعبي پاران پنهنجي ڌرتي ماءُ سان محبت، سچائي ۽ پيار جي اظهار طور ٻوٽا پوکيا ويا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محب علي لغاري چيو ته ڌرتي ماءُ برابر هوندي آهي ۽ ان جو احترام ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو اظهار ڪيو پيو وڃي.