سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽن اسڪالرن جي ايم فل سيمينارن جو شيڊول جاري


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۹٦   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
سنڌ يونيورسٽي جو مک گيٽ (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر اختر حسين مغل پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب زولاجي شعبي جي اسڪالر تنزيل رحمان چارڻ جو فائنل ايم فل سيمينار سومر ۲۴ اپريل ۲۰۱۷ع تي، جڏهن ته فزڪس شعبي جي اسڪالر عرفان علي ۽ ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي وسيم احمد جا فائنل ايم فل سيمينار اڱارو ۲۵ اپريل ۲۰۱۷ع تي صبح جو نائين وڳي نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين آفيس ۾ واقع وڊيو ڪانفرنس روم ۾ ٿيندا. ان موقعي تي اسڪالرن جا سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر ڪريمداد پتافي، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ۽ ڊاڪٽر ياسر عرفات ملڪاڻي جڏهن ته معاون سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري، ڊاڪٽر راحيل علي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڍوميجا پڻ موجود هوندا. نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پاران سمورن استادن ۽ ريسرچ اسڪالرن کي سيمينارن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.