ڄامشورو: سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ ڪميونيڪيشن ڊزائن جي شاگردن پاران نمائش


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۷۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ڪميونيڪيشن ڊزائن جي سمورين بيچن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي شٿبي سان لاڳاپيل نمائش منعقد ڪئي. نمائش جو افتتاح سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ڪيو. نمائش ۾ مختلف شاگردن بطول موتي، عريبا عزيز، طوبا قريشي، دانيال خانزاده، عمار حسن، ڪشف ابڙو، شفق، اسد شيخ، خيام جاويد، علي سيف ۽ ٻين جديد پراجيڪٽ پيش ڪري خوب پذيرائي حاصل ڪئي. شاگردن ڪيليگرافي، پينٽنگ، پوسٽر ميڪنگ، فوٽو گرافي ۽ مشهوري جي بنياد تي وزيٽنگ ڪارڊ، مختلف برانڊ، لفافا، آفيس فائيل، ڊي وي ڊي ڪور، ليٽر هيڊ، مئگزين ٽائيٽل، اخباري لي آئوٽ، اسٽوري بورڊ، اينيميشن ۽ سيٽ ڊزائننگ سميت مختلف شيون ڊجيٽلائيزڊ انداز ۾ پيش ڪيون. نمائش جو مقصد شاگردن جي اندر ۾ موجود صلاحيتن کي نکارڻ ۽ عملي ڄاڻ ڏيڻ هو ته جيئن اهي پاس آئوٽ ٿيڻ بعد ذاتي بزنس ڪيئن ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي سي وي کي ڪيئن وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهن ٿا. نمائش دوران مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين به شرڪت ڪئي جن نوجوانن جي صلاحيتن ۽ جديد خيالن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته تعليم دوران ئي مارڪيٽ ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ جي حوالي سان هن قسم جون نمائشون اسان لاءِ ڪارگر ثابت ٿين ٿيون جنهن سان خبر پوي ٿي ته مارڪيٽ ۾ ڪهڙا چئلينجز موجود آهن ۽ اسان پنهنجو پاڻ ڪيئن مڃائي سگهون ٿا. شاگردن جي رهنمائي ڪندڙ فيڪلٽي ميمبرن شاهد قيوم ميمڻ، محمد سليم جهتيال، علي گل قريشي، آئزه مرزا، اطهر عباس زيدي ۽ رضاءُ الله عباسي ۽ ٻين پڻ سندن صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي.