ايٽمي معاهدي بابت آمريڪا جا الزام بي بنياد آهن: ايراني پرڏيهي وزير


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۵   تھران   پرنٽ ڪيو
ايراني پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : تهران: ايراني پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جا بي بنياد الزام، ايران طرفان جامع ايٽمي معاهدي جي پابندي ڪرڻ جي حقيقت کي نه ٿا لڪائي سگهن، ايراني سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته آمريڪا ان ڳالهه جو پابند آهي ته جامع ايٽمي معاهدي جي حوالي سان پنهنجو رسو صحيح رکي ۽ پنهني واعدن تي عمل ڪري، آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان ٿيل ايٽمي معاهدو ايران کي ايٽمي هٿيارن تائين پهچ حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.