ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سچائي، ديانت ۽ بي لوث راند تي يونس خان کي يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي: شعيب اختر


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سچائي، ديانت ۽ بي لوث راند تي منهنجي ويجهو يونس خان يک يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي، پنهنجي هڪ بيان ۾ فاسٽ بالر چيو ته يونس خان جون ملڪي ڪرڪيٽ لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، يونس خان هميشه شاندار راند پيش ڪري انٽرنيشنل سطح تي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو ۽ اسان سڀني کي سندس ڪارنامن تي فخر آهي، هن يونس خان جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته عظيم بيٽسمين کي هڪ بي لوث شخصيت ۽ سٺي اخلاق تي هميشه ياد رکيو ويندو.