ڪوريئڙي جي زهر مان فالج جو علاج ممڪن آهي: آسٽريلوي طبي ماهر


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۰   سڈنی   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سڊني: آسٽريليا جي طبي ماهرن چيو آهي ته ڪوريئڙي (مڪڙي) جي زهر مان فالج جو علاج ممڪن آهي، يونيورسٽي آف ڪوئز لينڊ جي ماهرن جي ڪيل جديد تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته فالج سبب دماغ ۾ رت ۽ آڪيسجن گهٽ هجڻ سبب دماغي گهرڙا (سيل) تيزي سان تباهه ٿيڻ لڳندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مريض جو موت واقع ٿيندو آهي ۽ سڄي عمر لاءِ معذور پڻ ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪوريئڙي جو زهر ان ڪيفيت کي روڪڻ لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو ۽ دماغ کي وڌيڪ متاثر ٿيڻ کان پڻ روڪي سگهي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ هر سال ۸ لک ماڻهو فالج ۾ مبتلا ٿيندا آهن، جن مان ٦۵ سالن کان وڌيڪ عمر جا اڌ ماڻهو معذور ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري دماغي سيل (گهرڙا) پڻ متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن.