ڀارتي رياست راجستان ۾ جوڙي کي اگهاڙو ڪري گهمائي مارڪٽ ڪرڻ ۾ ملوث ۱۸ ڄڻا گرفتار


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦٦   دھلي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نئين دهلي: ڀارتي رياست راجستان ۾ هڪ جوڙي کي اگهاڙو ڪري گهمائڻ ۽ مارڪٽ جي واقعي ۾ ملوث ۱۸ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق راجستان جي باسواڙا ضلعي جي علائقي ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ڇوڪري جو والد، چاچو ۽ ٻيا مائٽ شامل آهن، پوليس انسپيڪٽر رويندر ٻڌايو ته ڇوڪري جي شادي سندس مرضي خلاف ٿي رهي هئي، جنهن تي اها گهر مان فرار ٿي وئي، سندس مائٽن ڳوٺ جي بدنامي سمجهندي ان کي سزا ڏيڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو، ان دوران ڪجهه ماڻهن وڊيو ٺاهي ۽ ان جي وائرل ٿيڻ تي پوليس کي اطلاع مليو.