مذهب بابت پٽ تيمور کي پاڻ ئي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي: سيف علي خان


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۳   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
بالي ووڊ اسٽار سيف علي خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ اسٽار سيف علي خان جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ تيمور کي پيءُ ماءُ جي مذهب مان ڪو به مذهب قبول ڪرڻ جو اختيار هوندو، سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور وٽ پٽ جو جنم ٿيو،جنهن جو نالو مسلم مذهب جي مناسبت سان تيمور علي خان رکيو ويو، جڏهن ته سيف علي خان مسلمان ۽ ڪرينا ڪپور هندو گهراڻي سان تعلق رکي ٿي، جنهن کان پوءِ هن جي پٽ جي مذهب جي حوالي سان ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن پر هاڻي سيف علي خان پاڻ ئي ان معاملي ۾ لب ڪشائي ڪئي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار سيف علي خان جو چوڻ هو ته تيمور کي مڪمل طور تي ڪو به مذهب اختيار ڪرڻ ۾ آزادي حاصل آهي، جڏهن ته والد جي حيثيت سان مان چاهيان ٿو ته منهنجو پٽ کليل ذهن ۽ ملڪ جو سٺو اميج ٺاهڻ وارو ٿئي، پر ڪرينا تيمور کي لبرل ۽ عاجز انسان ڏسڻ جي خواهش مند آهي، جڏهن ته تيمور کي پاڻ ئي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي، واضح رهي ته سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور ۲۰۱۲ ۾ شادي ڪئي هئي.