سنڌ اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ لاءِ نثار کهڙي جي پيش ڪيل تحريڪ اتفاق راءِ سان منظور


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۸۰   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نثار کهڙي وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت تحريڪ پيش ڪري ڇڏي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم صادق ۽ امين ناهي رهيو، تنهنڪري اهو استعيفيٰ ڏئي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ شروع ٿيو، اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، خواجا اظهار ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته هي توهان جو گهر يا ڊرائنگ روم ناهي، توهان تميز سان ڳالهايو، توهان خاموش ٿي وڃو، خاموش رهڻ جي لفظ تي نثار کهڙو جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ ۽ عهدي جو خيال رکو، ان دوران ايوان ۾ نو نو جا نعرا ۽ هل هنگامو شروع ٿي ويو، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته اپوزيشن منهنجي خلاف عدم اعتماد جي قرارداد کڻي اچي، ان کان پوءِ نثار کهڙو وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت تحريڪ پيش ڪئي، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس ۾ ۲ ججز جي اختلافي نوٽ کان پوءِ صادق ۽ امين ناهي رهيو، تنهنڪري فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.