راحيل شريف کي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي لاءِ اين او سي جاري


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف کي سعودي عرب جي سربراهي ۾ جوڙيل اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هو فيملي سميت خصوصي جهاز ۾ سعوديه روانو ٿي ويو، ذريعن موجب بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته جنرل ر راحيل شريف کي جنرل هيڊ ڪوارٽرز ( جي ايڇ ڪيو) کان منظوري کان پوءِ قانون موجب اين او سي ڏنو ويو، جنرل (ر) راحيل شريف کي وٺڻ لاءِ سعودي عرب کان خصوصي جهاز لاهور پهتو هو، اڳوڻي آرمي چيف جنرل ر راحيل شريف جي ملازمت جي مدت ۳ سالن لاءِ هوندي.