ٺٽو: سول اسپتال مڪلي ۾ بنيادي سهولتون اڻ لڀ شهري سراپا احتجاج


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۸   ٺٽو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   راجا تنوير خاصخيلي  : ٺٽو: سنڌ حڪومت جي فيصلي مان اين جي اوز حوالي ڪيل سول اسپتال مڪلي تباهي جي ور چڙهي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي وارڊ سڙيل سامان مان ڀريل آهن، جنهن ڪري ڏوراهن علائقن کان ايندڙ مريض فٽپاٿ تي راتون گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته مرف اين جي اوز پاران اسپتال جي مک وارڊن ۾ عطائي ڊاڪٽرن کي ويهاري ڇڏيو آهي، جيڪي اعلاج واسطي ايندڙ مريض کي غلط انجيڪشن لڳايو ڇڏين ٿا، جنهن ڪري ڪيترائي مريض ري ايڪشن جو سبب بڻجي ويا آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب مريض اسپتال جا کالي چڪر ڪاٽيون هليا وڃن ٿا، جڏهن ته مرف اين جي اوز پاران ملازمن توڙي دوائن جي آڙ ۾ لکين روپيا هڙپ ڪري رهيا آهن، سول اسپتال مڪلي ۾ سهولتون نه هئڻ ڪري اسٽاف ڊيوٽيون ڪرڻ بدرا پنهنجي گهرن تائين محدود بڻجي ويا آهن، جڏهن ته سول اسپتال مڪلي ۾ مرف اين جي اوز پاران مقرر ڪيل پرائيويٽ سڪيورٽي عملو به مريضن سان بد اخلاقي وارو سلوڪ ڪرڻ لڳو آهي، جنهن ڪري سوين مريضن توڙي عوام سنڌ حڪومت کان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ۰۰۲