نوابشاھ ۾ ٽنڊو الهيار واسي پريمي جوڙي پاران تحفظ جي اپيل


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۱   نوابشاھ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   فدا چانڊيو  : نوابشاھ: ٽنڊوالهيار سنجر چانگ جي ڳوٺ منٺار اوٺو جي رهواسي جميل احمد خاصخيلي نوابشاھ مريم روڊ جي رهواسڻ راحيلا ڌئ محمد آچر خاصخيلي سان پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پرڻي کانپوءِ نوابشاھ ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي جميل احمد خاصخيلي ۽ راحيلا خاصخيلي چيو آهي ته اسان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان جي شادي جا مخالف اسان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، راحيلا خاصخيلي وڌيڪ ٻڌايو ته اڳ ۾ منهنجي شادي گولاڙچي بدين جي ڳوٺ عثمان جلالاڻي جي رهواسي بابر ولد بابو سان ٿي هئي، جنهن ٦ مهينا اڳ مونکي تلاڪ ڏني هئي، جنهن کانپوءِ پنهنجي والدين جي گهر ۾ رهندي هيس عدت گزارڻ کانپوءِ هاڻي رضا خوشي سان جميل احمد خاصخيلي سان نڪاح ڪيو آهي، هن اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته کين تحفظ فرآهم ڪيو وڃي. ۰۰۲