علائقي واسين جو پولش ڪمپني جي زيادتين خلاف احتجاج


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۰۰   واھي پانڌي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   رفيق لاشاري  : واھي پانڌي: واهي پانڌي کيرٿر جي علائقي ڪارو ڪوٽ مان تيل ۽ گئس جا زخيرا ڪڍندڙ پرڏيھي ڪمپني پولش پاران مقامي ماڻھن کي روزگار ۽ رائلٽي نه ڏيڻ خلاف رستماڻي برادري جي سوين ماڻھن ديدار رستماڻي، سومر رستماڻي، سڪندر رستماڻي، محب رستماڻي، ممتاز رستماڻي، اختيار رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پرڏيھي ڪمپني جي مين گيٽ آڏو نٽھڻ اس تي ڌرڻو ھنيو، مقامي ماڻھن جي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن تي رينجرز ۽ پوليس اھلڪار ڪڙڪي پيا، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن تشدد جو نشانو بڻائي ڌڪا ڏئي زبردستي احتجاج ختم ڪرايو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صافين آڏو دانھيندي چيو ته گذريل ڏھن ورهين کان پرڏيھي ڪمپني اسان جي زمينن مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڪڍي رھي آھي پر ڪمپني اسان کي زمينن جو معاوضو توڙي روزگار ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ تان رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن لٺبازي ڪري اسان کي احتجاج ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي، ھنن چيو ته پولش ڪمپني رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن کي خريد ڪري احتجاج ڪندڙ مقامي رھواسين کي مارڪٽ ڪرائڻ چاھي ٿي، جيئن مقامي ماڻھو پنھنجا حق نه گھرن ھنن چيو ته اسان پر امن احتجاج ڪيو رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن بلاجواز اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو، ھنن چيو ته پولش ڪمپني جو ڪميونٽي آفيسر غلام نبي رائڪوٽي اسان سان ڳالھين ڪرڻ بدران اسان مٿان تشدد ڪرائي ثابت ڪيو آھي ته ھو علائقي م امن نه پر فساد ڦھلائڻ چاھي ٿو، ھنن چيو ڪميونٽي آفيسر تر جي بااثر وڏيرن جي مدد سان علائقي جي رائلٽي توڙي سوشل فنڊز ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿو، ھنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا حل نه ٿيا ته پرامن احتجاجن جو سلسلو جاري رکنداسين ۽ پرڏيھي پولش ڪمپني جي ذيادتين خلاف وزير اعظم ھائوس، وزيراعلي سنڌ ھائوس، پارليامينٽ ھائوس توڙي ٻين ھنڌن تي پر امن احتجاجن جو سلسلو پڻ جاري رکنداسين. ۰۰۲