سانگهڙ ۾ نوشهروفيروز جي صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين، سياسي ۽ سماجي ڌرين جو احتجاج


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۰   سانگھڙ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   نادر بڙدي  : سانگهڙ: نوشهروفيروز جي صحافين مظهر خاصخيلي، ناليواري ليکڪ، صحافي زاهد راڄپر ۽ سندس گهر واري، يونس راڄپر، خدا مصطفي تڳڙ، غلام مرتضي تڳڙ سميت ٻين صحافين تي داخل ڪرايل ڪوڙن ڪيسن خلاف سانگهڙ پريس ڪلب جي صدر عاجز منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سميع ميمڻ، رضا خان پٺاڻ، امير بخش بڙدي، هوش محمد منگي، صغير راجپوت، مرتضيٰ منگي، ظفر لوڌي، اميت ڪمار، سول سوسائٽي جي اڳواڻ منصور ميمڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر جبار جوڻيجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي آءِ جي سنڌ، اي ڊي خواجه ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان گهر ڪئي ته صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ ۽ سپاهي مان غيرقانوني طور نوشهروفيروز جي ايس ايس پي آفيس جو اڪائونٽنٽ بڻيل لعل بخش سومرو خلاف قدم کڻي صحافين خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ۰۰۲